اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته پنهنجي طاقتور طبقي کي قانون جي تا??ع ۽ احساس، پناهگاهن ۽ صحت ڪارڊ جهڙن منصوبن جي ذريعي اڄ پاڪستان ٻيهر منزل حاصل ڪرڻ جي سفر تي هلي نڪتو آ??ي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته 15 سئو سال اڳ اسان جي نبي پاڪ ﷺ مديني جي پهرين فلاحي رياست جو بنياد وڌو جنهن جي عمارت قانون جي بالادستي، اهليت جي قدر ۽ رحم ۽ برداشت تي هموار ڪئي وئي ۽ جنهن ۾ علم حاصل ڪرڻ کي مقدس فرض قرار ڏنو ويو ان طرح ٻن ئي ڏهاڪن ۾ مسلمان ايندڙ ڪيترن ئي صدين لا??ِ عظيم ترين تهذيب رکندڙ بڻجي ويا. وزيراعظم چيو ته جڏهن مسلمان ان رهنما اصولن تان دستبردار ٿي ويا ته انهن جي تهذيب ڪمزور ٿي وکري وئي.