اسلام آباد – 04 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان نئين جمهوري روايتن جو بنياد رکي ڇڏيو آهي، عمران خان بنا ڪنهن دٻاءُ جي ذاتي طور تي فيصلو ڪيو آهي ته هو 6 مارچ تي ايوان مان ٻيهر اعت??اد جو ووٽ وٺندو، مخالف ڌر ته ان ڳالهه تي به پريشان آهي ته وزيراعظم ڇو اعت??اد جو ووٽ وٺي رهيو آهي، هاڻي اهو طئي ٿي چڪو آهي ته جمهوري ??در ئي هلندا، ڌمڪي، ڌانڌلي ۽ لوٽ مار جي سياست ??ان ملڪ نٿو هلي سگهي. هو نجي ٽي وي چئنل ??ان ڳالهائي رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته وزيراعظم عمران خان اتحادي پارٽين ??ان مشاورت کانپوءِ صادق سنجراڻي کي سينيٽ چيئرمين لاءِ اميدوار نامزد ڪيو آهي، ان جو بنيادي سبب بلوچستان صوبي ??ان تعلق هجڻ آهي ته جئين بلوچستان کي نمائندگ?? ملي ۽ ان ??ان گڏوگڏ ان جي گذريل ٽن سالن جي ڪارڪردگي ڏسندي اهو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته قومي اسيمبلي جو اجلاس 6 مارچ تي طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ عمران خان ٻيهر اعت??اد جو ووٽ وٺندو، ايوان ۾ حڪومت ۽ اتحادي پارٽين جا سمورا ميمبر موجود هوندا.