اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ابوظهبي جي ولي عهد ۽ گڏيل عرب امارات جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر شيخ محمد بن زيد ??لنهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي ??ڳواڻن پاڪستان ۽ يو اي اي جي وچ ۾ موجوده ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن تي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ گهڻ رخي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم کي ورجايو آهي. هنن ڪوويڊ 19 ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عال??ي ايشوز تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم عمران خان ۽ شيخ محمد بن زيد ??لنهيان ٻطرفن لاڳاپن ۾ اضافي جي لاءِ ويجهي ??ور تي ڪم ڪرڻ ۽ گهڻ رخي ادارن ۾ تعاون جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.