اسلام آباد – 18 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارتي مدد سان ??اڪستان ۾ ڪيل دهشتگردي، ڪشمير ۾ ان جي ظلمن ۽ 15 سالن کان اسان جي خلاف ب??پا ان جي ڊس انفارميشن مهم جو پردو هٽي ٿي چڪو آهي، ڀ??رتي ميڊيا پاڻ مودي سرڪار سان ڳٺ جوڙ کي بي نقاب ڪيو آهي، پاڪستان ڀارت جي جارحاڻي ارادن ۽ مودي سرڪار جي سفاڪيت تان ??ردو هٽائيندو رهندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته 2019ع ۾ جنرل اسيمبلي کي پنهنجي خطاب ۾ مون ٻڌايو ته سفاڪ مودي سرڪار بالاڪوٽ واقعي کي ڪيئن پنهنجي چونڊ فتح لاءِ استعمال ڪيو. هاڻي پنهنجي سياه ڪارين جي حوالي سان ??شهور ڀارتي صحافي جي تازه ڪميونڪيشن سان ??ودي سرڪار ۽ ڀارتي ميڊيا وچ ?? ناپاڪ ڳٺ جوڙ بي نقاب ٿيو آهي.