اسلام آباد – 14 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي ف??از چيو آهي ته پي ڊي ايم لکين جلسا ڪري احتساب جي عمل تي ڪو ٺا??ه نه ڪيو ويندو، لاهور ۾ پي ڊي ايم جو شو فلاپ رهيو، انهن جي جلسي کي عوام رد ڪري ڇڏيو، مخالف ڌر پارٽيون حڪومت کان استعيفيٰ وٺڻ آيون هيون ۽ هاڻي استعيفيٰ ڏيڻ تي اچي ويون آهن، مخالف ڌر کي چوري جو حساب ڏيڻو پوندو، وزيراعظم عمران خان ??نه??جا فيصلا پاڻ ڪندو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو.