اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ ۾ تعميرات سميت مختلف شعبن ۾ س??ڙپڪاري جي دستياب موقعن مان ڀرپور فائدو کڻن، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي روشن ڊجيٽل اڪائونٽ سان پاڪستان ۾ س??ڙپڪاري ۾ آساني ٿيندي، وڏن منصوبن ۾ اوورسيز پاڪستانين جي شمول??ت يقيني بڻائينداسين، تعميرات جي شعبي ??ي فروغ سان ٻين صنعتن کي فروغ ملندو، ملڪ ۾ معاشي سرگرمين ??ي فروغ سان ملڪي معيشت مستحڪم ٿيندي، ڪاروبار ۾ آساني سان گڏوگڏ سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين لاءِ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جو اثاثو آهن، روشن ڊجيٽل اڪائونٽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي سهولت فراهم ڪرڻ طرف پهريون قدم آهي، ان سان ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ملڪ ۾ س??ڙپڪاري ۽ ٻين مقصدن لاءِ رقم موڪلڻ ۾ آساني ٿيندي، هن چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني مهمند ۽ ڀاشا ڊيمن، ايم ايل ون سميت ٻين وڏن منصوبن ۾ س??ڙپڪاري ڪري سگهن ٿا.