اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيدالاضحيٰ جي موقعي تي بازارن ۽ جانورن جي منڊين ۾ رش کان پاسو ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت جي پاليسين ۽ عوام جي نظم ۽ ضبط سان ڪورونا وبا تي ڪافي حد تائين ضابطو آڻي ورتو آهي، جيڪڏهن وڌيڪ احتياط ڪنداسين ته ان وبا کي مڪمل شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي وڊيو پيغام ?? ڪيو. صدر چيو ته ڪورونا وائرس جي حوالي سان پاڪستان جيڪا ڪاميابي حاصل ڪئي آهي اها حڪومت جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي ۽ شهرين پاران ڪورونا وبا کان بچاءُ جي ضابطن ??ي عملدرآمد جي ڪري ممڪن ٿي آهي. هن چيو ته دنيا ۾ ڪورونا وائرس ۾ اضافو ٿيو. پاڪستان ۾ ان وبا تي ڪافي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي. 30 جون کان ان ۾ واضح گهٽتائي آئي آهي ۽ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي. هن چيو ته ماڻهن چيو ته موسم جي صورتحال جا وبا جي شدت تي اثر پوندا پر پاڙيسري ملڪ ڀارت ?? ڪورونا ڪيسز ۾ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته پاڪستان تي الله جو احسان آهي، حڪومت لاڪ ڊائون ۽ غريب جي لاءِ پاليسيون اختيار ڪيون. ماڻهن کي احساس پروگرام ذريعي رقم فراهم ڪئي وئي ته جيئن اهي گهرن ۾ رهي ايس او پيز ت?? عمل ڪري سگهن، حڪومت پاران ج??ڙي?? ايس او پيز ت?? عمل ذريعي تراويح نماز ۽ عبادتن جو سلسلو جاري رهيو.