اسلام آباد – 21 جولاءِ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا مني لانڊرنگ ۽ ٽيرر فنانسنگ جي روڪٿام جي لاءِ اينٽي مني لانڊرنگ ترميمي بل، دهشتگردي جي خاتمي ايڪٽ 1997ع ۾ تجويز ڪيل ترميمن، ضابطه فوجداري قانونن ۾ ترميمن، سنگل ٽريزري بئنڪ اڪائونٽ جي قاعدن ۾ تبديلي ۽ نيشنل هيلٿ ايمرجنسي ريسپانڊ ايڪٽ جي منظوري ڏني آهي، نيشنل هيلٿ ايمرجنسي ريسپانڊ ايڪٽ جو مقصد ڪنهن به قدرتي آفت جي صورت ۾ وفاق ۽ صوبن ۾ هم آهنگي قائم ڪرڻ آهي، وفاقي ڪابينا پي ٽي وي لائيسنس فيس 35 رپين مان وڌائي 100 رپيا ڪرڻ جي ت??ويز تي فيص??و ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪري ڇ??يو، وزيراعظم عمران خان جي ويزن موجب پهريون ڀيرو خاص معاونين پڻ پنهنجا اثاثا ظاهر ڪري ڇ??يا آهن، وزيراعظم واضح هدايت ڪئي ته ڪڻڪ ۽ اٽي جي دستيابي ۽ فراهمي ۾ ڪا رڪاوٽ نه هجڻ گهرجي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا ٽي وي لائيسنس فيس 35 رپين مان وڌائي 100 رپيا ڪرڻ جي ت??ويز تي غور ڪيو، پي ٽي وي جي نئين سر تنظيم سازي جي منظوري ٿي چڪي آهي ۽ پي ٽي وي معاملن کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ لائيسنس فيس وڌائڻ جي ت??ويز ڏني وئي هئي، مختل?? راءِ سامهون اچڻ تي پي ٽي وي لائيسنس فيس وڌائڻ جو معام??و ايندڙ هفتي ت??ئين ملتوي ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته پي ٽي وي جي شاندار تاريخ آهي، اهڙي طرح جا ادارا عظمت جو نشان هئا پر پيپلزپارتي ۽ مسلم ليگ (ن) رياستي ادارن ۾ بدانتظامي ۽ ميرٽ جي ابتڙ ڀرتين سان ادارن کي زمين بوس ڪري ڇ??يو آهي جنهن اداري کي ڏسو ان ۾ اهو ئي حال آهي، موجوده حڪومت پي ٽي وي، اسٽيل ملز سميت سمورن ادارن کي ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيهارڻ چاهي ٿي، ڇو ته اهي ادارا رياست جي نمائندگي ڪن ٿا.