اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سو??ي ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج تي دهشتگ??دن جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر حملي جي نتيجي ۾ قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس ۽ دهشتگ??دن جي حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو، هنن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي دهشتگردن جو حملو ناڪام بڻائڻ تي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. ملڪ دشمن عنصر پنهنجي ناپاڪ ??قصدن جي لاءِ ملڪ ۾ افراتفري پکيڙين چاهين ٿا.