اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي وڌندڙ آبادي تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فيڊرل پاپوليشن ٽاسڪ فورس تي زور ڏنو آهي ته اها ٽاسڪ فورس جا مقصد حاصل ڪرڻ ۾ پنهنجون ڪوششون تيز ڪري. هن اها ڳالهه ايوان صدر ۾ وزيراعظم جي ??حت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ظفر مرزا سان ملاقات جي موقعي تي چئي، ان موقعي تي ٽاسڪ فورس جي ٻن اڳوڻن اجلاسن جي ??ڳڀرائي جو به جائزو ورتو ويو، صدر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته آبادي ۾ اضافي جي ??ماجي ۽ معاشي اثرن جي ??والي سان عوام ۾ شعور پيدا ڪندي ان جي موجوده رفتار کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي.