اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قرضن ۾ رليف جي لاءِ جي 20 ملڪن جي ق??من جي آجيان ڪندي چيو ??هي ته اسرندڙ ملڪن وٽ ايترا مالي وسيلا ناهن جو هو پنهنجي معيشت کي بحال ۽ ڪمزور طبقن جي مدد ڪري سگهن، ڪورونا هڪ عالمي مسئلو آهي ۽ ان سان گڏجي عالمي انداز ۾ منهن ڏيڻو آهي، ڪورونا وائرس جي پکيڙ دنيا جي معيشتن کي متاثر ڪيو ??هي، اسان جو روانگي واپار به متاثر ٿيو ??هي، ترقي يافته ملڪ جيڪڏهن ان مسئلي کي منهن ڏ??ڻ لاءِ قدم کڻن ته سڀئي مشڪل صورتحال مان نڪري سگهن ٿا. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪورونا ۽ ان کانپوءِ ترقي جي لاءِ سيڙپڪاري بابت عالمي ورچوئل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪينيڊا ۽ جميڪا جا وزيراعظم، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل گ??يل طور تي اجلاس جي صدارت ڪئي.