اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير کي ه??اي?? ڪئي آهي ته موجوده صورتحال خاص طور تي رمضان مهيني کي نظر ۾ رکندي ڪڻڪ ۽ ٻين ضرورت جي شين جي طلب ۽ پهچ تي گهري نظر رکي وڃي ته جيئن وقت سر فيصلا ڪري سگهجن ۽ ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ خوراڪ جي کوٽ نه ٿئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خوراڪ جي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ڪڻڪ جي اسمگلنگ جي روڪٿام، مڪڙن جي خاتمي جي حو??لي سا?? قدمن ۽ ايندڙ سال معياري ڪڻڪ جي پيداوار حاصل ڪرڻ جي لاءِ بهتر ٻج جي استعمال جي حو??لي سان تجويزن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.