اسلام آباد – 14 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ايئرلائينز پاران سعودي عرب ويندڙ مسافرن کان اضافي ڪرايو ??صول ڪرڻ جي اطلاع تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ سعودي عرب ويندڙ پاڪستاني ڀائرن جي لاءِ هر ممڪن سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ??ڃي. سعودي حڪومت ڪرونا وائرس جي ڪري سعودي عرب کان ٻاهر پاڪستانين کي 72 ڪلاڪن ۾ سعودي عرب واپس پهچڻ جي ڊيڊ لائين ڏني آهي، سعودي عرب ويندڙ سمورن پاڪستانين کان ايئرلائينز جي اضافي ڪرائي وصول ڪرڻ جون شڪايتون اچي رهيون هيون جنهن تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر هوابازي واري وزير غلام سرو?? خان سان رابطو ڪيو ۽ ??ڌي?? ڪراين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو.