اسلا?? آباد – 07 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت طرفان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪراري حيثيت کي تبديل ڪرڻ لاءِ غير قانوني، هڪ طرفي ق??من ۽ شهري آزادين کي معطل ڪرڻ والاريل وادي جي ع??ام جي انساني حقن جي خلاف ورزي آهي، عالمي برادري کي ڀارت جي فاشسٽ حڪومت جي هٿان ڪشميري ع??ام جي مشڪلاتن جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ادار ڪرڻ گهرجي، اقتصادي مفادن تي اخلاقي اصولن کي ق??بان نه ڪرڻ گهرجي، اهڙن خيالن جو اظهار هن يورپي يونين ملٽري ڪميٽي جي چيئرمين جن??ل ڪلاڊيو گرازيانو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.