اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) ترڪيءَ جي ص??ر رجب طيب اردوان صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ عيدالاضحيٰ جي مبارڪ موقعي تي کيس مبارڪباد ڏني. صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي پڻ ترڪي جي ص??ر رجب طيب اردوان کي عيد جي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ترڪ صدر سان ڳالهه ٻولهه دوران ڊاڪٽر عارف ??لوي چيو ته ??ن سال عيدالاضحيٰ مشڪل حالتن ۾ ملهائي پئي وڃي ۽ دنيا کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي چيو ته ڪوويڊ 19 عالمي معيشت کي بري طرح متاثر ڪيو آهي. هن پاڪستا?? سميت ڪيترن ئي ملڪن کي ڪوويڊ 19 جي خلاف جنگ ۾ معاونت فراهم ڪرڻ تي ترڪيءَ جي اڳواڻ جي ڪردار کي ساراهيو. ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي اڳواڻن چيو ته ??اڪستان ۽ ترڪيءَ ۾ ڪورونا جي ڪيسز جي انگ ۾ گهٽتائي خوش آئنده آهي. صدر عارف ??لوي غيرقانوني طور تي ڀارت جي عتاب هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي خراب حالت تي روشني وڌي ۽ چيو ته ڀارتي مسلمان خوف ۽ امتيازي سلوڪ جي ماحول ۾ زندگي گذاري رهيا آهن.