اسلام آباد – 13 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ نمايان گهٽتائي حڪومت جي وڏي ڪاميابي آهي. پوسٽ بجي?? پريس ڪانفرنس ۾ هن چيو ته حڪومت کي شروع ۾ ئي پ??ڏيهي ناڻي جي گهٽ ذخيرن جو مسئلو درپيش هو، آمدني واپار تي پ??ڏيهي ناڻي جو ڪاٿو روانگي واپار کان ٻيڻ کان به وڌيڪ هو، ان جي ڪري ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب جي لڳ ڀڳ پ??چي ويو هو، حڪومت ان ڏس ۾ ٺوس قدم کنيا، روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪيون ويو??، حڪومت جي ڪوششن سان ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 20 ارب ڊالر مان گهٽ ٿي 3 ارب ڊالر جي سطح تي آندو ويو، اها هڪ وڏي ڪاميابي آهي.