اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا معصوم ۽ بي گناهه ڪشميرين سا?? پنج مهينن کان ج??ري رياستي دهشتگردي، ڀارت ۾ اقليتن خاص طور تي مسلمان مخالف تڪر??ري قانونسازي، ظلم ۽ ڏاڍ جي خلاف مذمتي قرارداد اتفاق راءِ سا?? منظور ڪري ورتي، ڪابينا عالمي فورمز تي ڪشميرين جو ڪيس بهتر انداز ۾ وڙهڻ تي وزيراعظم جي ڪوششن کي ساراهيندي عالمي برادري جي سمورن اڳواڻن، انساني حقن جي علمبردار تنظيمن ۽ عالمي ادارن کي اپيل ڪئي ته ڪشميرين سا?? ٿيندڙ زيادتين جو نو??يس وٺن، وزيراعظم جنوري جي پهرين هفتي بنيادي ضرورت جي شين تي 6 ارب روپيا سبسڊي ۽ جنوري جي آخري هفتي ۾ ڪمزور طبقن جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ مالي مدد ڪارڊ ج??ري ڪندو، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عا??ق اعواڻ وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس جي آغاز ۾ گذريل تقريبن پنج مهين کان والاريل ڪشمير ۾ ج??ري ڪرفيو ۽ معصوم ڪشميرين تي ظلم ۽ ستم جي شديد مذمت ڪئي.