اسلام آ??اد – 17 – جون (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي وفاقي وزير شازيه مري چيو آهي ته پيپلزپارٽي غريبن جي مشڪ??ات?? جي خاتمي لاءِ عملي جدوجهد تي يقين رکي ٿي، بي آءِ ايس پي تحت ماڻهن کي انهن جي گهرن تي امدادي رقم جي فراهمي لاءِ ڪوشان آهيون. هن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ کي معاشي ۽ اقتصادي طور تي عمران خان جيترو نقصان پهچايو ان جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي، پاڻ کي ايماندار چوندڙ عمران خان غير ملڪي فنڊنگ جو حساب ڏيڻ کا?? راهه فرار اختيار ڪر?? رهيو آهي، هن چيو ته عمران خان ٻاهرين محاذ تي ملڪ کي اڪيلو ڪر?? ڇڏيو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو هن وقت دنيا ۾ پاڪستان جي تشخص کي بهتر ب??ائ?? جي جنگ وڙهي رهيو آهي. هن چيو ته عمران امپائر کانسواءِ اليڪشن وڙهي کيس خبر پئجي ويندي ته عوام گڏ آهي يا نه، هونئن به عوام سندس ڌرڻي جي سڏ کي رد ڪر?? پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته هن وقت پاڪستان کي مشڪل حالتن مان ڪڍڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.