اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان جو نئون سياسي نقشو پهريون قدم آ??ي، اڄ تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آ??ي، نئون سياسي نقشو قوم جي جذبن جي ترجماني ڪري ٿو، اسان چاهيون ٿا ته ڪشميري?? کي جلد انهن جي منزل ملي، ڪشمير جو مسئلو دنيا جي هر فورم تي اٿارينداسين، منزل تائين پهچڻ کان اڳ ان جو تصور ذهن ۾ آڻڻ لازمي هوندو آهي. پاڪستان جو نئون سياسي نقشو جاري ڪرڻ جي قوم کي مبارڪباد ڏيندي هن چيو ته اهو نقشو پهريون قدم آ??ي، ڀارت 5 آگسٽ جو جيڪو قدم کنيو هيءَ نقشو ان جي نفي آ??ي، والاريل ڪشمير جا ماڻهو پاڪستان جو حصو بڻجڻ چاهين ٿا، مو?? کي يقين آهي ته اهي پنهنجي منزل تائين ضرور پهچندا. هن چيو ته وفاقي ڪابينا سياسي نقشي جي باقاعده منظوري ڏني، ڪشمير مئسلي جو حل گڏيل قومن جي قراردادن ۾ آهي. عمران خان چيو ته اسان سياسي جدوجهد ڪنداسي??، فوجي جدوجهد کي نه ٿا مـڃون، ڪشمير جو مسئلو دنيا جي هر فورم تي اٿارينداسين، جيستائين زن??هه آهيان پاڪستاني قوم ڪشمير جي لاءِ جدوجهد ڪندي. هن چيو ته نقشي ۾ لائن آف ڪنٽرول کي واضح طور تي ظاهر ڪيو ويو آ??ي، ڪشمير پاڪستان جو حصوبڻ??ند?? هي نقشو پهريون قدم آ??ي، اڄ تاريخ جو اهم ترين ڏينهن آ??ي، پاڪستان جي سمورن سياستدانن نئين نقشي جي تائيد ڪئي.