لاهور – 30 جولاءِ (اي پي پي) پنجاب جي گورنر چوڌري م??مد سرور سان اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽ?? شبلي فراز ملاقات ڪئي جنهن ۾ سياسي ۽ حڪومتي م??املن سميت ٻين ايشوز تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. پنجاب جي گورنر حڪومتي قدمن کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪرڻ تي سينيٽ?? شبلي فراز جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. گورنر هائوس لاهور ۾ ٿي??دڙ ملاقات دوران عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ حڪومتي قدمن ۽ ڪورونا سبب پيدا ٿي??دڙ حالتن سميت ٻين ايشوز بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات دوران پنجاب جي گورنر چوڌري م??مد سرور حڪومتي قدمن کي بهتر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ تي اطلاعات واري وفاقي وزي?? شبلي فراز جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت ن?? رڳو پاڪستان کي م??اشي م??ئلن مان ڇوٽڪارو ڏياري رهي آهي پر عوام کي به هر شعبي ۾ وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته احساس پروگرام جهڙا منصوبا حڪومت جي عوام دوستي جو واضح ثبوت آهي.