اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) ??در ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت چين پ??ڪستان اقتصادي لنگهه ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري رهيو آهي، ڀارت جو تشدد ۽ رويو علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ خطرو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي سفير يائو جنگ سان ايوان ??در ۾ ملاقات دوران ڪيو، ??در چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، چين ??شڪل جي گهڙي ۾ سدائين پ??ڪستان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهيو. هن يقين ڏياريو ته پاڪستان هڪ چين جي پاليسي جي حمايت جاري رکندو، پاڪستان چين جي قومي مفاد جي اهم معاملن سميت هانگ ڪانگ، تبت ۽ تائيوان جي معاملي تي انهن سان گڏ بيٺل هوندو.