اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسن کي نظر ۾ رکندي حفاظتي تدبيرن تي سخت?? سان عملدرآمد ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ??هي ته ان وبا سان ڪيترائي چئلينجز سامهون آيا آهن جن تي معاشري جي سمورن طبقن جي فعال حمايت ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ موثر هم آهنگ?? سان ضابطو آڻي سگهجي ٿو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيرن عيدالاضحيٰ جي مناسبت سان عيد جي شاپنگ ۽ قرباني جي جانورن جي خريداري جي حوال?? سان ايس او پيز تي عملدرآمد بابت تجويزن کان صدر کي آگاهه ڪيو. صدر وزيرن کي چيو ??ه اهي انهن تجويزن جي صوبائي حڪومتن سان ڏي وٺ ڪن ۽ سمورن حصيدارن سان مشاورت ڪن ته جيئن انهن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهجي. هن عوام تي زور ڏنو ته عيدالاضحيٰ جي مناسبت سان شاپنگ ۽ قرباني جي جانورن جي خريداري جي لاءِ رش ۽ ٻين ميڙن کان پاسو ڪن.