اسلام آباد ?? 02 ??ون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا کي شگر ا??ڪو??ئري رپورٽ جي سفارشن جي روشني ۾ مستقبل جي حڪمت عملي ۽ لاڳاپيل ادارن پاران وڌيڪ ڪارروائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪو??ت پاران شگر ا??ڪو??ئري جو مقصد انهن سببن ۽ حقيقتن کي سامهون آڻڻ هو جن جي ڪري کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو ۽ عوام تي غيرضروري بار وڌو ويو. هن چيو ته ا??ڪو??ئري جي نتيجي ۾ سامهون ايندڙ سمورين حقيقتن جي روشني ۾ نظام ۾ موجود ڪوتاهين جي درستگي ۽ سڌارن جي لاءِ قدم کنيا ويندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ا??ڪو??ئري رپورٽ جي روشني ۾ سامهون ايندڙ حقيقتن جو جائزو وٺڻ لاءِ بين الوزارتي ڪميٽي جوڙي ويندي جيڪا مختلف رخن کان رپورٽ جو جائزو وٺندي ۽ موجوده نظام بشمول ريگيوليٽرز جي موثر ڪردار جي حوالي سان ٺوس سڌارن جي لاءِ سفارشون جوڙيندي. وزيراعظم چيو ته انهن قدمن جو مقصد ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته مستق??ل ۾ عوام کي استحصال ۽ غيرضروري قيمتن ۾ اضافي جي بار کان محفوظ رکي سگهجي. ڪابينا کي صوبن پاران ڪڻڪ جي خريداري جي حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي ۽ مستق??ل ۾ طلب ۽ پهچ جي ڪاٿن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.