اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) وز??راعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وز??راعظم عمران خان جي قيادت ۾ عوام جي خوشحالي ۽ ترقي جي ايجنڊا کي پوري قوت سان اڳتي وڌائينداسين، سياسي طوفان برپا ڪرڻ جي خواهش رکندڙن جي ارمانن تي ڪڪر ڇائنجي ويا آهن، جم??وري اختلاف کي سازش جو رنگ ڏيندڙ سياسي مخالفن کي اطلاع هجي ته حڪومت پنهنجي اتحادين جي حمايت سان گڏ نه رڳو مستحڪم آهي پر جم??وري اختلاف کي جم??وري انداز ۾ سلجهايو ويو آهي. پنهنجي ٽوئ??ٽ ۾ وز??راعظم جي خاص مددگار چيو ته مسئلن ۽ محرومين جو شڪار سنڌ جي لاءِ وز??راعظم عمران خان خوشخبري بڻجي ڪراچي ويو.