لاهور – 05 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي سرڪاري آفيسرن جي تربيت جي لاءِ ا??م خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي، اداري ک?? جديد تربيتي رجحانن مان فائدو کڻڻ جي لاءِ دن??ا جي بهترين تربيتي ادارن سان ويجهو رابطو رکڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل اسڪول آف پبلڪ پاليسي جي بورڊ آف گورنرز جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.