اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته منظم ۽ پيشيور هٿياربند فوج جي موجودگي ۾ ڪوبه پا??ست??ن ڏانهن ميري اک سان نٿو ڏسي سگهي، قوم جي مضبوطي لاءِ ضروري آهي ته فوج مضبوط رهي، دنيا ۾ جيڪڏهن ڪنهن دهشتگردي جو مقابلو ڪيو ته اها پاڪ فوج آهي، 23 مارچ تي يوم پا??ست??ن جي شاندار پريڊ منعقد ڪرڻ تي منهنجو سر فخر سان بلند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ يوم پا??ست??ن جي پريڊ جي منتظمين کي اعزاز ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چ??و ته پا??ست??ن پنهنجي مضبوط هٿياربند فوج جي ڪري ئي مضبوط ۽ مستحڪم آهي، پا??ست??ن سدائ??ن مشڪل صورتحال مان ڪاميابي سان نڪتو آهي ۽ هن دشمن جي سازشن کي ناڪام بڻايو آهي، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان جي هٿياربند فوج دهشتگردي جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو، ان جنگ ۾ ان جو قربانيون سدائين ياد رکيون وينديون. ??ن چيو ته پا??ست??ن ايٽمي صلاحيت پنهنجي دفاع لاءِ حاصل ڪئي ۽ هي ڪنهن به چئلينج جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. صدر چ??و ته قوم کي ڪو به آنچ نٿو پهچائي سگهي، ڀارت کي به اسان جي طاقت جو اندازو آهي، اسان جي پرامن ۽ اصول پسند آواز جو دنيا تي اثر ٿيندو، دنيا جي ٽيڪنالاجي جيتري به ترقي ڪري وٺي پا??ست??ن ۾ ان جو مقابلو ڪرڻ جي صلاحيت آهي، ??ن چيو ته موجوده حالتن ۾ هر وقت چوڪس رهڻو آهي، دنيا جيڪا مرضي چوندي رهي اسان پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهيون، صدر ڪشمير مسئلي جو ذڪر ڪندي چيو ته گڏيل قومن ۾ ان پراڻي تڪرار جي حل ۾ ٽال مٽول سان ڪم ورتو پيو وڃي، ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي 23 مارچ تي يوم پا??ست??ن جي شاندار پريڊ جي انعقاد جي منتظمين ۾ اعزاز ورهايا، تقريب ۾ هٿياربند فوج جي سينئر آفيسرن ۽ ٻين لاڳاپيل شرڪت ڪئي.