اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورنا وائرس سان پيدا ٿيندڙ صورتحال جي ڏس ۾ اسان جو چئلينج ترقي يافته ملڪن کان وڏو آهي، اسان کي پنهنجي ماڻهن کي وبا سان گڏوگڏ غربت ۽ بک کان به بچائڻو آهي، قوم ڪورونا کي ش??ست ڏيڻ جي لاءِ متحد ٿي وڙهي، عوام رمضان المبارڪ ۾ مسجدن ۾ وڃڻ لاءِ 20 نقاطي گائيڊ لائي??ز تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي??دي?? ڪنهن به علائقي ۾ ڪورونا جي پکڙجڻ جو خدشو هجڻ تي فيصلي تي نظرثاني ڪئي ويندي. ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال ۽ ان کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومتي قدمن بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ڪورونا جو چئلينج ڪيتري دير تائين ر??ند?? ان بابت ڪو به اندازو نه ٿو هڻي سگهجي، ان لاءِ هاڻي مختلف ملڪ لاڪ ڊائون ۾ نرمي جو طريقو اختيار ڪري رهيا آهن.