اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ت?? اسان کي دنيا ۾ پنهنجو مقام حاصل ڪرڻو آهي ۽ عظيم قوم بڻجڻو آهي جنهن لاءِ اسان کي مديني جي ر??است جي اصولن تي عمل ڪرڻو پوندو، نبي اڪرم صه جي حيات مبارڪ جو هر رخ تاريخ ۾ محفوظ آهي جنهن جي پيروي ڪري اسان پنهنجي زندگين کي سنواري سگهون ٿا، جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ اسان کي پنهنجي نوجوان نسل کي پرڏيهي ثقافتي يلغار کان محفوظ رکڻ، اسلام جي تشخص ۽ پنهنجي ر??ايتن ۽ تهذيب ۽ تمدن کان روشناس ڪرائڻ لاءِ ضروري آهي ت?? قومي تشخص ۽ صوفين جي تعليم کي اجاگر ڪيو وڃي. ناليوارن عالمن جي وفد وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي.