اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ مهانگائي، م??او?? ۽ ذخيره اندوزي ڪندڙن جي خلاف قدمن جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي اجل??س ڪالهه خميس ڏينهن ٿيو جنهن ۾ صوبن وزيراعظم کي ضروري شين جي دستيابي بابت بريفنگ ڏني، وزيراعظم عمران خان صوبائي حڪومتن کي م??او?? ڪندڙ عنصرن جي خلاف فوري ڪا??روائي، فوري طور تي پرائس مانيٽرنگ، نيشنل ڊيمانڊ اينڊ سپلاءِ سيل ۽ بلوچستان ۾ فوڊ ٽيسٽنگ ليبارٽري قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته و??يراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ مهانگائي، م??او?? ڪندڙن ۽ ذخيره اندوزي ڪندڙن جي خلاف قدمن جو جائزو ورتو ويو.