اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام گذريل 70 سالن کان پنهنجو خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، ڀارت غيرقانوني ۽ ظالماڻن قدمن ذريعي والاريل ڪشمير تي جابراڻو ڏاڍ ??ائ?? ڪري رکيو آهي، پاڪستان ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو، ڀارت انتهاپسنداڻي هندوتوا سوچ جي ور چڙهيل آهي ۽ باهه ??ان کيڏي رهيو آهي، عالمي برادري والاريل ڪشمير جي عوام ??ي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيارڻ ۽ ڀارت جي اندر مسلمانن جي خلاف امتيازي سلوڪ بند ڪرائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي حوالي سان هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو.