لاڙڪاڻو – 21 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ج?? پرڏيهي وزير ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي جي علائقي ڳوٺ وڪيو سانگي پهچي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ تع??ير ٿيندڙ گهرن جو جائزو ورتو. بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه پڻ هو. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ جي چيف آپريٽنگ آفيسر ملڪ نجف خان پاران بريفنگ ڏني وئي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ڏتل ڪلهوڙو پڻ تع??ير ٿيندڙ گهرن بابت ??ريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته ڳوٺ وڪيو سانگي جي 266 ٻوڏ سبب تباهه ٿيل گهرن مان 147 گهرن جي تع??ير جي شروعات ٿي چڪي آهي، ڳوٺ وڪيو سانگي جي 138 ٻوڏ متاثرين کي گهرن جي تع??ير جي لاءِ پهرين قسط، 102 کي ٻي جڏهن ته 60 کي ٽئين قسط جاري ٿي چڪي آهي. ان موقعي تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثرين جي لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ ۽ ايس آر ايس او جي ڪوششن کي ساراهيو.