اسلام آباد – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان سان ڪامياب جوان يوٿ انٽر پرينيورشپ اسڪيم تحت نوجوانن کي آسان قرضن جي فراهمي جي حوالي سان سڄي ملڪ جي بئنڪن جي صدرن ۽ سربراهن ملاقات ڪئي آهي. ملاقات ۾ ناڻي و??ري صلاحڪار ڊا??ٽر عبدالحفيظ شيخ، واپار و??ري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سڌارن و??ري صلاحڪار ڊا??ٽر عشرت حسين، نوجوانن جي معاملن و??ري خاص معاون محمد عثمان ڊار ۽ اس??يٽ بئنڪ جي گورنر پڻ شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پا??ان ج??ري هڪ پڌرائي موجب نوجوانن جي معاملن و??ري خاص معاون پا??ان ڪامياب جوان يوٿ انٽر پرينيورشپ اسڪيم تحت نوجوانن کي آسان قرضن جي فراهمي جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت نوجوانن کي ڪاروبار جا بهتر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ٽن سالن جي لاءِ سئو ارب رپيا رکيا آهن. ان حوالي سان هيستائين 4 لک 70 هزار درخواستون ملي چڪيون آهن جن جي وقت سر ڇنڊڇاڻ ڪري قرضن جي فراهمي جو سلسلو ج??ري آهي.