اسلام آباد – 31 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عاشور جي ڏهاڙي جي موقعي تي ملڪ ۾ امن ۽ احترام قائم ر??ڻ تي قوم جو ٿورو ادا ڪندي چيو آهي ته فرقيواريت جي باهه ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪندڙ عنصرن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته يوم عاشور جي موقعي تي ملڪ ۾ امن ۽ احترام برقرار رکڻ تي پوري قوم جو ٿورو ادا ڪريان ٿو بدقسمتي سان ا?? دوران ڪجهه فتنو پکيڙيندڙ عنصرن جُون ??ر انگيزيون منهنجي علم ۾ آنديون ويون ??هن، جنهن ان موقعي تي فرقيواريت جي باهه ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، وزيراعظم عمران خان چيو ته شرپسندن جي ان گروهه سان حڪومت نهايت سختي سان منهن ڏيندي.