لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان راوي ريور فرنٽ اربن ڊولپمينٽ منصوبي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي. ان موقعي تي پنجاب جي چيف سيڪريٽري جواد رفيق ملڪ وزيراعظم ک?? منصوبي تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب بريفنگ دوران وزيراعظم عمران خان منصوبي تي عملدرآمد دوران ماحولياتي تحفظ ۽ واٽر ڪ??زرويشن جي لاءِ سختي سان عملدرآمد جي خاص تاڪيد ڪئي. وزيراعظم چيو ته ه?? منصوبو پنجاب جي معيشت ۽ لاهور شهر جي رهائشي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته ڪورونا سبب پيدا ٿيندڙ مشڪل معاشي صورتحال ۾ هن منصوبي سان ماڻهن کي نوڪريون ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته راوي ريور فرنٽ پرا??يڪ?? سان لاهور جي رهواسين جي لاءِ پ??ڻي جي کوٽ ک?? منهن ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت ترقيات?? منصوبن جي حوالي سان هر رڪاوٽ ترجيحي بنيادن تي ختم ڪرڻ جي لاءِ پ??عزم آهي. هن هدايت ڪئي ته پرا??يڪ?? جي مڪمل ٿيڻ دوران ماحولياتي نظام ت?? منفي اثر نه پون ۽ واٽر ڪ??زرويشن جو پڻ خاص خيال رکيو وڃي.