اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪچين آبادين کي جديد رخن تي ترقي ڏئي انهن ۾ سموريون ??نيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ماضي ۾ معاشري جي غريب طبقن کي نظر انداز ڪيو ويو، انهن جي زندگي جي ??عيار کي بلند ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. هو ايوان صدر ۾ ڪچين آبادين کي ترقي يافته شڪل ڏيڻ جي ??اءِ منعقد اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، صوبائي اسيمبلي ميمبر فردوس شميم نقوي، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرم??ن انور حيدر، صدر جي سيڪريٽري طارق نجيب نجمي، هائوسنگ اينڊ ورڪس واري سيڪريٽري عمران زيب خان، اين پي ايڇ اي جي ڊپٽي چيئرمين، ايڊيشنل اٽارني جنرل ۽ ٻين به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.