اسلام آباد – 26 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ ان ڏس ۾ تجويز ڪيل قانون سازي جي عمل کي تيز ڪر?? جي هدايت ڪن??ي چيو آهي ته اقليتن جي حقن جو تحفظ ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ هڪجهڙن موقعن جي فراهم?? کي يقيني بڻائڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ اقليتي برادري جي قومي اسيمبلي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم سان ملاقات ڪن??ڙ ميمبرن ۾ جئه پرڪاش، شنيله رٿ، لعل چند، رميش ڪمار ۽ جمشيد ٿامس شامل هئا، ان موقعي تي مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير نور الحق قادري ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جو قومي اسيمبلي ۾ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر به موجود هئا.