اسلام آباد ?? 03 ??ون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) درآمدي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن جي حوالي سان وزيراعظم جي پيٽروليم واري خاص معاون نديم بابر جي قيادت ۾ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، ڪميٽي درآمد ٿيل پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ نقصان کان ب??ڻ جي لاءِ مختلف آپشنز جو جائزو وٺندي. اي سي سي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي ۽ اوڳاڙين واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ??ي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ اعليٰ عدليه جي فيصلن، آبزرويشنز ۽ پاڪستان اسٽيل ملز جي حوالي سان ٻين عدالتن ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسن جي روشني ۾ پ??ڪستان اسٽيل ملز جي هيومن ريسورس ريئلائيزيشن منصوبي جي مڪمل ۽ حتمي منظوري ڏئي ڇڏي.