اسلام آباد – 25 مئي (اي ??ي ??ي) وزيراعظم عمران خان کي ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان ٽيليفون ڪئي ۽ ساڻس ڪراچي ۾ جهاز جي افسوسناڪ حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪندي هن مشڪل گهڙيء?? ۾ ??رڪ قوم پاران پاڪستاني ڀائرن جي لاءِ ڀرپور حمايت جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ترڪيءَ جي صدر ۽ وزيراعظم هڪ ٻئي کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني ۽ ڪورونا وائرس سبب پيدا ??يندڙ صورتحال کي گڏجي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم عمران خان ترڪيءَ جي صدر کي پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.