ڪوئيٽا – 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا رليف ٽائيگر فورس ۾ نوجوانن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي ڀرپور شرڪت ۽ متاثر ماڻهن جي خدمت جو جذبو نهايت حوصلي وارو آهي، آزمائش جي ان گ??ڙي ۾ ڀرپور عوامي خدمت جو جذبو وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان پاڪستان تحريڪ انصاف جي بلوچستان سان تعلق رکندڙ پارليامينٽرين جي وفد س??ن ملاقات دوران ڪيو.