راولپنڊي – 12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪامياب جوان پروگرام وسيلي هيستائين 38 هزار نوجوانن کي اسڪلز اسڪالرشپ ڏنيون وي??ن آهن، جنهن ۾ 10 هزار عورتون شامل آهن، ??زيراعظم عمران خان پاڪستان جي ڌيئرن جي صلاحيتن کي نظر ۾ رکندي ڪامياب جوان پروگرام ۾ عورتن کي شامل ڪيو آهي، ان کان اڳ عورتن کي بهترين موقعا نه ڏنا ويا هئا، گذريل حڪومتن رستن، ??الن ۽ پلين تي سيڙپڪاري ڪئي پر وزيارعظم عمران خان جي حڪومت نوجوانن تي سيڙپڪاري ڪري رهي آهي جيڪا ملڪي ترقي جو سبب بڻجندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن فاطمه جناح وي??ن يونيورسٽي راولپنڊي ۾ ڪامياب جوان پروگرام جي تقريب ??ي خطاب ڪندي ڪيو.