لاهور – 18 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ ه??مو??يليا جو قانون بڻجي چڪو آهي، ان کي وفاق ۽ پنجاب جي سطح تي به متعارف ڪرائينداسين ته جيئن مرض کي روڪڻ جون تدبيرون اختيار ڪرڻ جي لاءِ معاشري ۾ مهم شروع ڪئي وڃي، حڪومت 192 ارب رپين جي وڏي رقم سا?? احساس پروگرام متعارف ڪرايو آهي، سُندس فائونڊيشن کي به احساس پروگرام جو حصو بڻايو ويندو، حڪومت ه??مو??يليا جي مرض ۾ ورتل پڙهيل لکيل مريضن جي لاءِ سُندس جاب بئنڪ ٺاهيندي جنهن تحت انهن کي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي نو??ريون ڏنيون وينديون. هو سُندس فائونڊيشن ۾ ناليو??ري صحافي ڪالم نگار منو ڀائي جي ٻي ورسيءَ جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي.