لاهور – 04 ڊسمبر (اي پي پي) 31 هين ايشين ايڊورٽائيزنگ ايڊ ايشيا لاهور ڪانفرنس ۾ ٻئي ڏينهن مقررين خطاب ڪندي چيو آهي ته پا??ستان ۾ ڊيجيٽل ميڊيا جي مارڪيٽ تمام بهتر آهي، هتي اچي احساس ٿيو آهي ته اڳ ۾ پا??ستان ڇو نه آياسين، هتي اچي تمام گهڻي خوشي ٿي ۽ پا??ستان بابت اسان جي سوچ تبديل ٿي وئي آهي، ٻاهرئين دنيا مان صنعتڪار پا??ستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا، پا??ستان سيڙپڪاري جي لاءِ دنيا جو بهترين پليٽ فارم آهي، اشتهارن ذريعي سماج ۾ وڏي تبديلي جو سوچڻ وقت جي ضرورت آهي، ماڻهن ۾ عمل جي کوٽ آهي ان لاءِ انهن کي عمل تي اتساهڻ جي لاءِ صلاحيتن کي ڀر??ور طريقي سان استعمال ڪرڻو پوندو.